ڀاڳچند هرداساڻي ڊاڪٽر

ڀاڳچند هرداساڻي ڊاڪٽر

ڀاڳچند هرداساڻي ڊاڪٽر

ڀاڳچند هرداساڻي، ڊاڪٽر: سياستدان ۽ سماج سڌار ڊاڪٽر ڀاڳچند هرداساڻي، 20 اپريل 1940ع تي ضلعي سانگهڙ جي شهر کڏڙي ۾ جنم ورتو. هن پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم کڏڙي ۾ حاصل ڪئي. وڌيڪ پڙهڻ لاءِ حيدرآباد ويو، جتي 1957ع ۾ انٽر ۽ 1964ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم.بي.بي.ايس جي ڊگري حاصل ڪري ڊاڪٽر بڻيو. سندس مقرري سول اسپتال سانگهڙ ۾ ميڊيڪل آفيسر طور ٿي. نوڪريءَ سبب 1967ع ۾ کڏڙي مان لڏي سانگهڙ شهر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. 1969ع ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏي، سانگهڙ شهر ۾ پنهنجي خانگي اسپتال کوليائين ۽ گڏوگڏ سماجي ڪمن ۾ سرگرم رهيو. هن سانگهڙ ۾ ٻين باشعور ماڻهن سان گڏجي سگا شاخ جو بنياد وڌو ۽ ڪيتري ئي عرصي تائين سگا شاخ جو صدر رهيو. جسٽس آف پيس ڪائونسل سانگهڙ جو 1985ع ۾ ميمبر، پي. ايم.اي سانگهڙ جو صدر، پاڪستان ريڊ ڪريسينيٽ ضلعي سانگهڙ جو 1990ع ۾ نائب صدر ۽ ڊويزنل سوشل ويلفيئر ڪميٽي حيدرآباد جو ميمبر پڻ رهيو. انهن عهدن تي رهي هن عوامي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙيو. پوليي ۽ هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ مهم هلايائين. پاڻ 1974ع ۾ هندو پنچائت سانگهڙ جو صدر چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين رهيو. هن اقليتي برادري جي ترقي لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. پاڻ هندو مسلم ڀائيچاري ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو. هن 2001ع واري بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺي سياست جو آغاز ڪيو. 2001ع واري اليڪشن ۾ فنڪشنل ليگ جي ٽڪيٽ تان اڪثريت سان کٽي ضلعي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو. 2002ع ۾ ان سيٽ تان استعيفا ڏئي عام چونڊن ۾ حصو ورتائين. 2002ع کان 2007ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. هن پارليامينٽ ۾ پهچي سانگهڙ جي عوام جي وڏي خدمت ڪئي. جنهن ۾ ميرپورخاص کان سانگهڙ تائين 132 ڪي. وي ٽرانسميشن لائن، سانگهڙ سول اسپتال ۾ چيسٽ وارڊ، ٻارن جو ايمرجنسي وارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪم اهم آهن. تعليم جي ترقي لاءِ ٻهراڙين جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اسڪول قائم ڪرايائين. پاڻ علمي ادبي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن ۽ فورمن جي مالي سهائتا پڻ ڪندو هو. کيس ڪيل خدمت جي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا، جن ۾ مذهبي رواداري اوارڊ 1995ع،’شاهه لطيف اوارڊ 2002ع‘،سچل سامي امن اوارڊ 2004ع‘ ۽ ’بيسٽ هندو ڪميونٽي ورڪر اوارڊ‘ شامل آهن.
ڊاڪٽر ڀاڳچند، 29 آگسٽ 2012ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.04.20  عيسوي

سياستدان ۽ سماج سڌار ڊاڪٽر ڀاڳچند هرداساڻي، 20 اپريل 1940ع تي ضلعي سانگهڙ جي شهر کڏڙي ۾ جنم ورتو.


2012.08.29  عيسوي

ڊاڪٽر ڀاڳچند، 29 آگسٽ 2012ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه احمد نوراني
قاضي اياز مهيسر
ابولهب
ٽالپر مير شير محمد خان
ضمير مرزا زرقي
تسليما نسرين
ديوان بهادر مرليڌر پنجابي
ڀرڪيو شيخ ڪاتيار
جيمس لوئيس مينس
بشير احمد شاد ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون